SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cuban Missile Crisis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • cuban
  • misail
  • kraisis
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Cuban Missile Crisis

ڪيوبن ميسل ڪرسز

ڪيوبائي ميزائيل گهوٽالو:

انقلابي اڳواڻ فيڊيل ڪاسترو پاران 1 جنوري 1959ع تي ڪيوبا جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ، سوويت يونين سان سندس حد کان وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ ڪيوبا ۾ آمريڪي ڪمپنين کي قوميائڻ وارن قدمن جي ڪري، آمريڪا ڪاسترو کي اقتدار تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. سيپٽمبر 1962ع ۾ آمريڪي جاسوسي ادارن کي پتو پيو ته ڪجهه سوويت يونين جا ائٽمي ميزائيل ڪيوبا ۾ رکيا پيا وڃن. سو جڏهن ڪي سوويت جهاز وچولي درجي جا ائٽمي ميزائيل کڻي ڪيوبا جي ساحل تي پهتا ته آمريڪي بحري ٻيِڙي انهن جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. هيءُ واقعو 24 آڪٽوبر 1962ع تي پيش آيو. هن گهوٽالي جي ڪري سوويت يونين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايترا ته خراب ٿي ويا، جو ٽين عالمي جنگ لڳڻ جو خطرو پئدا ٿي پيو هو ۽ تڏهوڪي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي اهڙي جنگ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون. معاملي جي سنگينيءَ کي پرکيندي سوويت يونين جي تڏهوڪي سربراهه خرو شچيف اهي ميزائيل واپس سوويت يونين گهُرائي ورتا


Remember Me Also:

هٿ اٿلائڻ

هَٿَ اُٿَلائِڻُ

ڪم ۾ جلدائي ڪرڻ، سيگهه ڪرڻ، ڇڙ ڇوت ڪرڻ ، جلدائي ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal